ميڪسيڪو جا آرڪيالاجسٽ پراسرار قديم شهر جي دريافت واري اميد تي “پلازه ڊي لا لونا” يا مون اسڪوائر جي کوٽائي ڪري رهيا آهن

mixco

ميڪسيڪو جا آرڪيالاجسٽ پراسرار قديم شهر جي دريافت واري اميد تي “پلازه ڊي لا لونا” يا مون اسڪوائر جي کوٽائي ڪري رهيا آهن.

قديم آثارن جا ماهر ٽوئيٽهئاڪن جي علائقي ۾ مون اسڪوائر جي کوٽائي ۾ رڌل آهن، ماهرن موجب امڪان آهي ته کين اهڙو قديم شهر ملي وڃي جيڪو ڪڏهن  امريڪا جو سڀ کان وڏو شهر رهيو هجي.

هلندڙ سال جي شروع ۾ قديم آثارن جي ماهرن مختلف طريقن سان تحقيق ذريعي شهر جي اهڃاڻڻ جو پتو پوڻ بعد کوٽائي شروع ڪئي هئي، جتان کين سائي رنگ جي پٿر مليا هئا، جنهن بعد ماهرن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي اآهن ته هن قديم عمارت جي هيٺان ڇا آهي.

قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته کوٽائي سان مون اسڪوائر جي اهميت وڌي وئي آهي ۽ سموريون ڪوششون قديم شهر کي ڳولڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*