اولهه ۾ منشيات جي کپت ئي سندس ملڪ ۾ بدعنواني جي گهڻي حد تائين ذميوار آهي: اشرف غني

ashraf-ghani

لنڊن ۾ اينٽي ڪرپشن سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، افغانستان جي صدر اشرف غني چيو آهي ته اولهه ۾ منشيات جي کپت ئي سندس ملڪ ۾ بدعنواني جي گهڻي حد تائين ذميوار آهي.

لنڊن ۾ ٿيندڙ اينٽي ڪرپشن ڪانفرنس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شريڪ  آهن، جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مختلف اپائن تي غور ويچار ڪندا.

ميزبان برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ڪانفرنس دوران ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڀني ملڪن کي ڪوششون ٻيڻيون ڪرڻ تي زور ڀريندو ۽ اميد آهي ته پرڏيهي ڪمپنين جون برطانيه ۾ ملڪيتون ۽ مالڪن کي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ جو اعلان به ڪندو.

برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون پاران راڻي الزبيٿ سان ڳالهين دوران افغانستان ۽ نائيجيريا کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪ سڏيو هو، جنهن جي ويڊيو سامهون اچڻ تي ڪيمرون ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو ته ٻئي اڳواڻ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهن.

ان کانسواءِ اميد آهي ته فرانس، نيڌرلينڊ، نائيجيريا ۽ افغانستان به پبلڪ رجسٽرن ذريعي ڪمپني جي حقيقي مالڪي ظاهر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪندا، جڏهن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ، اردن، انڊونيشيا، آئرلينڊ ۽ جارجيا به ساڳيا اپاءُ وٺڻ تي اتفاق ڪري سگهن ٿا.

ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ انٽرويو افعان صدر اشرف غني چيو ته سندس حڪومت ڪرپشن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي پر کين مدد جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي عنصرن گڏجي افغانستان کي دنيا جي بدعنوان ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

اشرف غني چيو ته برطانوي وزيراعظم سندس ملڪ بابت جيڪو ڪجهه چيو ان سان کيس ڪو مسئلو نه آهي ۽ هو ان جي اقتدار سنڀالڻ کان پهرين واري دور جي ڳالهه ڪري رهيو هو.

هن چيو ته اولهه جي ملڪن جو فرض آهي ته هو ان سلسلي ۾ افغانستان جي مدد ڪن ڇاڪاڻ ته بدعنواني جو سڀ کان وڏو ذميوار منشيات جا ڪارٽل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*