خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 8 پشاور تي ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ميدان ماري ورتو

       peshawar-ele

   خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 8 پشاور تي  ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ميدان ماري ورتو، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ اميدوار ارباب وسيم  11هزار781 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس مقابلي ۾ هارايل پ پ اميدوار ڌانڌلي جو الزام هڻندي صبح عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نواز ليگ اميدوار ارباب وسيم حيات 11هزار781 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار  ملڪ طهماش 10هزار 797ووٽ کنيا.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب  پي ٽي آءِ  جي اميدوار شهزاد خان کي 9 هزار 347 ووٽ ملي سگهيا ۽ جي يو آءِ اميدوار آصف اقبال دائودزئي 9 هزار 308 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

نواز ليگ اميدوار جي ڪاميابي تي پشاور ۾ پارٽي ڪارڪنن خوشي ۾ دهل شرناين تي رقص ڪري ريلي ڪڍي.

پ پ اميدوار ملڪ طهماش چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪندي اعلان ڪيو آهي ته کيس سازش ڪري هارايو ويو، ووٽن جي ڳڻپ جي آخري مرحلي ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن.

ن ليگ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مخالفن کي گهر ۾ شڪست ڏيڻ تمام سٺو لڳو ، هاڻي بس ڪير نه پر شينهن ئي شينهن آهي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*