پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه ۾ پوليس مقابلي دوران ڇوٽو گينگ جي مک جوابدار بلال جاکا کي ٻن ساٿين سميت مارڻ جي دعويٰ

Muzaffar garh

پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه ۾ پوليس مقابلي دوران ڇوٽو گينگ جي مک جوابدار بلال جاکا کي ٻن ساٿين سميت  مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 ڊي پي او اويس احمد موجب، مظفر ڳڙهه ويجهو  ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو.

ڊي پي او جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران جاکا گينگ جو سربراهه بلال جاکا ٻن ساٿين سميت مارجي ويو آهي، جنهن جو واسطو ڇوٽو گينگ سان آهي، جوابدار ڪچي ۾ آپريشن دوران فرار ٿي ويو هو.

 ڊي پي او مظفر ڳڙه موجب مارجي ويل  جوابدار بلال جاکا جي گرفتاري تي سرڪار پاران 20 لک روپيا انعام رکيل هو.

هن ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيلن تي قتل، اغوا ۽ ڦر جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا…………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*