وزيراعظم نوازشريف پاناما ليڪس تي پارليامينٽ ۾ پاليسي بيان اڄ نه پر سومر ڏينهن ڏيندو:سردار اياز صادق

ayaz-sadiq

وزيراعظم نوازشريف پاناما ليڪس تي پارليامينٽ ۾ پاليسي بيان اڄ نه پر سومر ڏينهن ڏيندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي خطاب بابت اپوزيشن کي اعتماد ۾ ورتو آهي، مخالف ڌر خطاب دوران گوڙ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

وزيراعظم نواز شريف کي اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيڻو هو پر مصروفيتن سبب وزيراعظم اڄ ايوان ۾ نه اچي سگهندو.

ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نوازشريف اڄ نه پر سومر ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار اياز صادق اپوزيشن سان ڳالهين بعد کين وزيراعظم جو خطاب اڄ بدران سومر ڏينهن رکڻ تي راضي ڪري ورتو آهي.

اياز صادق جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر وزيراعظم جي خطاب دوران گوڙ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*