ڪراچي ۾ پيش آيل صفوران سانحي کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو

Safoora Attacks

ڪراچي ۾ پيش آيل صفوران سانحي کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف  صفورا سانحي ۽ سماجي اڳواڻ سبين محمود جي قتل  ۾ ملوث 5 دهشتگردن کي فوجي عدالت پاران مليل موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

صفوران سانحي کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، سانحي ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ الاظهر گارڊن ۾ تقريب ٿي آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  آرمي چيف  صفوران سانحي ۽ سماجي اڳواڻ سبين محمود جي قتل ۾ ملوث 5 دهشتگردن جي ڦاهي واري سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.

موت جي سزا ٻڌايل دهشتگردن  طاهر منهاس، سعد عزيز، اسد الرحمان، حافظ ناصر ۽ اظهر عشرت کي ڦاهي ڏني ويندي، سزا ڏنل دهشتگردن جو واسطو القائده سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*