حيدرآباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تان ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Hyderabad-MQM-vs-PSP

حيدرآباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تان ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پاڪ سرزمين پارٽي جي ترجمان افتخار عالم چيو آهي ته پر امن ريلي تي فائرنگ ڪئي وئي، ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن، هي هلندڙ قافلو رڪجڻ جهڙو ناهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ راشد کلجي جو چوڻ آهي ته  شرپسند ماڻهو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سندن 12 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو.

حالي روڊ تي ڀائي خان چاڙهي وٽ هڪ ڌر پاران جهنڊو ڦڙڪائڻ دوران  ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

واقعي کانپوءِ وڏي انگ ۾  پوليس اهلڪارن پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

پوليس هڪ ڌر جي ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته واقعي سبب ٻنهي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

واقعي بعد اڻڄاتل ماڻهن پڃرا پول واري علائقي  ۾ هڪ سياسي جماعت جي يونٽ آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي.

پاڪ سرزمين پارٽي جي ترجمان افتخار عالم جو چوڻ هو ته سندن پرامن ريلي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.

هن ڪارڪنن کي صبر جي اپيل ڪندي چيو ته هي هلندڙ قافلو رڪجڻ جو وارو نه آهي، مخالفن کي مايوسي نصيب ٿيندي .

هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي راشد خلجي چيو آهي ته شرپسد شهر جو ماحول خراب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته يونٽ آفيس کي باهه ڏني وئي، 15 کان وڌيڪ هٿياربند حملو ڪري 12 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو آهي …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*