افغان جنگ سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، آپگهاتي ڌماڪا جنگ جو سڌو سنئون رد عمل آهن: نيويارڪ ٽائمز

the-newyark-times

پاڪستان امريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ مخالف ايڊيٽوريل تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته افغان جنگ سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، آپگهاتي ڌماڪا جنگ جو سڌو سنئون رد عمل آهن.

امريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪي اخبار پاران افغانستان جي حالتن جو پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ غلط آهي.

هن چيو ته افغانستان ۾ عالمي ڪميونٽي مجموعي طور ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڪابل جنگ سبب پاڪستان کي ڳرو نقصان پهتو آهي.

پاڪستاني سفير چيو ته افغان جنگ ۾ پاڪستان تي ڊبل گيم وارا الزام ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن، جن کي اسلام آباد مڪمل طور رد ڪري ٿو، جڏهن ته سڀني کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته افغانستان ۾ خرابي جو ذميوار پاڪستان نه آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*