شڪارپور پوليس پاران هٿ ڪيل ناري شازيه تيغاڻي جو مهانڊو فضيلا سرڪي سان ملندڙ هئڻ سبب 11 سالن کان ڌيءَ جي بازيابيءَ لاءِ بي چين والدين ۾ نئين اميد جاڳي پئي

shazia-and-fazila

شڪارپور پوليس پاران هٿ ڪيل ناري شازيه تيغاڻي جو مهانڊو ٺل ڀرسان اغوا ٿيل فضيلا سرڪي سان ملندڙ هئڻ سبب 11 سالن کان ڌيءَ جي بازيابيءَ لاءِ بي چين والدين ۾ نئين اميد جاڳي پئي آهي، فضيلا جي امڙ سڪينه پوليس تحويل ۾ ڇوڪريءَ جي تصوير ڏسڻ کانپوءِ چيو آهي ته دل چوي ٿي ته شازيه نالي ڇوڪري ئي سندس ڌيءَ فضيلا سرڪي آهي.

ڳڙهي حسن مان 11 سال اڳ هٿياربند فضيلا سرڪي کي اغوا ڪري ويا هئا، جنهن جي بازيابي لاءِ سندس پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ امڙ سڪينه سمون مسلسل احتجاج تي آهن.

شڪارپور پوليس ڪجهه مهينا اڳ ڳڙهي تيغو ۾ ڪارروائي دوران شازيه تيغاڻي نالي ڇوڪري کي فضيلا سرڪي هئڻ جي شڪ هيٺ هٿ ڪيو هو، جنهن جي ڪجهه ڏينهن اڳ تصوير به ايس ايس پي آفيس ۾ فضيلا جي والدين کي ڏيکاري وئي هئي.

ناري جي تصوير ڏسڻ کانپوءِ فضيلا جي امڙ سڪينا سرڪي جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ڇوڪريءَ جو مهانڊو فضيلا سان ملي ٿو ۽ سندس دل چوي ٿي ته شازيه نالي واري ڇوڪري سندس ڌيءَ فضيلا آهي.

ذريعن موجب ايس ايس پي شڪارپور ڊي اين اي رپورٽ اچڻ تائين فضيلا سرڪي جي والدين کي في الحال خاموش رهڻ لاءِ چيو آهي پر فضيلا سرڪي جا والدين تمام گهڻا پراميد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*