وزيراعظم نوازشريف جي پارليامينٽ ۾ نه اچڻ تي اپوزيشن جماعتن پاران اڄ به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن جو بائيڪاٽ

senate

وزيراعظم نوازشريف جي پارليامينٽ ۾ نه اچڻ تي اپوزيشن جماعتن پاران اڄ به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومتي صفن ۾ مايوسي پکڙيل آهي، پارليامينٽ انتهائي اهم فورم آهي پر وزيراعظم کي مشورو ڏنو پيو وڃي ته اها بند گهٽي آهي، ان ۾ ويندئو ته ڦاسي پوندئو.

وزير اعظم نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ نه اچڻ تي مخالف جماعتن پنجين ڏينهن به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس ۾ بائيڪاٽ جاري رکيو.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ٻڌو آهي ته وزير اعظم کي پارليامينٽ ۾ خطاب لاءِ تقرير لکي ڏني وئي آهي، جيڪا هو رات جو ست ست ڀيرا ياد ڪري ٿو، نواز شريف ڀلي 2 ڪلاڪ تقرير ڪري پر اپوزيشن جي 7 سوالن جا جواب کڻي پارليامينٽ ۾ اچي.

هن چيو ته اپوزيشن جي ٽي او آرز موجب ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، ٽرمز آف ريفرنس جوابدار جا نه پر هميشه اپوزيشن جا هوندا آهن، سندن نواز شريف سان دشمني ناهي، پر هو چاهين ٿا ته احتساب وارو عمل وزيراعظم نوازشريف کان شروع ٿئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن هو راڻا ثناءُ الله جهڙن سياستدانن کي سنجيده ناهي وٺندو، جنهن ڏينهن هن اهڙن ماڻهن کي سنجيده ورتو، اهو ڏينهن سندس سياسيت ختم ٿي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*