ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 25 مئي تائين ملتوي
ڪراچي جي احتساب عدالت جي جي وي ايل ۾ 17ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 25 مئي تائين ملتوي ڪندي جوابدارن جي وڪيلن کي گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد لاڳو ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي وڪيل گهربل دستاويز ملڻ تائين فرد جرم واري ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي.
عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.