سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ جي جي وي ايل جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو اقبال زيڊ احمد سميت ٻين جي درخواستن تي اسٽي جاري ڪرڻ کان انڪار

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ جي جي وي ايل جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو اقبال زيڊ احمد ۽ اوجي ڊي سي ايل جي اڳوڻي ايم ڊي بشارت مرزا جي درخواستن تي اسٽي جاري ڪرڻ کان انڪار  ڪندي نيب کي 25 مئي تائين جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ جي جي وي ايل  جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو اقبال زيڊ احمد ۽ اوجي ڊي سي ايل جي اڳوڻي ايم ڊي بشارت مرزا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته احتساب عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ فراهم بابت وڪيلن جي رضامندي سان درخواستون اڪلائڻ وارو جيڪو حڪم ڏنو ان خلاف فيصلو اچڻ تائين جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ سندن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي تي اسٽي جاري ڪيو وڃي.

عدالت ٻنهي عملدارن جي درخواستن تي اسٽي جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي کين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي نيب کي 25 مئي تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*