بدين ڀرسان پوليس عدالتي حڪم تي زميندارن جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل 30 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو

badin-farmar-

بدين ڀرسان پوليس عدالتي حڪم تي زميندارن جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل 30 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، عدالت هارين کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پوليس پاران بازياب ڪرايلن ۾ 10 مرد، 10 عورتون ۽ 10 ٻار شامل آهن، جن ۾ حسين ملاح، فدا ملاح، مسمات شهناز، ڪلثوم ۽ ٻيا شامل آهن.

سيشن ڪورٽ بدين جي حڪم تي گرهڙي پوليس زميندارن ظفر جٽ، رفيق ۽ اختر  جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل ملاح برادري جي 30 پورهيتين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت پورهيتن کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي کين آزاد ڪري ڇڏيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*