ڄامشورو ڀرسان پوليس چڙهائي ڪري ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو، وارثن ۽ رهواسين پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

jamshoro-protest

ڄامشورو  ڀرسان پوليس چڙهائي ڪري ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو، وارثن ۽ رهواسين پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڄامشورو پوليس ٿرمل پاور هائوس ڪالوني تي چڙهائي ڪري ملازم نظير پنهور جي 3 پٽن وحيد، سعيد ۽ بابر گرفتار ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جوابدارن کي پڇا ڳاڇا لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.

گرفتار ٿيل جوابدارن جي وارثن ۽ ڪالوني جي رهواسين پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٿرمل پاور هائوس جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جوابدارن جي وارثن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي………..

  ڄامشورو: جوابدارن کي جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڊي ايس پي ڪوٽڙِي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*