ذوالفقار مرزا اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 31پوليس عملدارن خلاف دهشتگردي جو ڪيس هلائڻ لاءِ اي ٽي سي جي انتظامي جج وٽ سڌي فرياد داخل

dr-zulfqar-marza

اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو سندس حامين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 31پوليس عملدارن خلاف دهشتگردي جو ڪيس هلائڻ لاءِ اي ٽي سي جي انتظامي جج وٽ سڌي فرياد داخل ڪرائي آهي.

ذوالفقار مرزا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج وٽ سڌي فرياد داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل ۽ ٻين عملدارن جي چوڻ تي سندن حامين کي عدالت آڏو تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.

ذوالفقار مرزا سڌي فرياد ۾ استدعا ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو سندن حامين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 31پوليس عملدارن خلاف دهشتگردي جو ڪيس هلايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*