ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

ashraf magsi

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

نيب اختيارن بلوچستان جي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي انڪشافن کانپوءِ گرفتار ڪيل پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي کي ڪوئيٽا جي احستاب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران نيب اختيارن عدالت کي آگاهي ڏني ته اشرف مگسي پنهنجي ٻن  ڌيئرن سميت مٽن مائٽن کي غيرقانوني طور 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو.

نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن يجي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي ڪروڙين رپيا وٺي اميدوارن کي جعلي امتحان ذريعي پاس ڪرايو، جڏهن ته هن پنهنجي پٽ کي به سيڪشن آفيسر مقرر ڪرايو.

نيب عملدارن عدالت کان استدعا ڪئي ته  جوابدار جاچ دوارن اهم انڪشاف ڪيا آهن، سندس جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت نيب جي درخواست رد ڪندي بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي کيس 16 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن قومي احتساب بيورو بلوچستان جي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي ڪروڙين رپين سوڌو گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن، جن جي آڌر تي گرفتاريون به ٿيون آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*