حڪومت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي: شيخ رشيد

Shaikh-Rasheed1

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيف جسٽس جي فيصلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي، هاڻي فيصلو ميدان ۾ يا قومي اسيمبلي ۾ ٿيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس پاران حڪومتي ٽرمز آف ريفرنس تي اعتراض سٺو  سنوڻ آهي، مخالف ڌر پانامالڪيس جي شفاف جاچ چاهي ٿي.

هن چيو ته پاناماليڪس معاملي کانپوءِ سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي،  جڏهن ته کيس جمهوريت بيواهه ۽ مظلوم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

شيخ رشيد خدشو ظاهر ڪندي چيو ته هو حالتون ٽڪراءَ طرف وڌندي  ڏسي رهيو آهي، ڪجهه به ٿيو ته نقصان رڳو وزيراعظم نواز شريف جو ٿيندو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته چيف جسٽس جي اعتراضن کانپوءِ پاناماليڪس معاملي جو هاڻي فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيندو، نواز شريف جو ڏکيو وقت اچي چڪو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*