آءِ سي سي پاران پاپندي ختم ٿيڻ بعد هو تمام گهڻو خوش آهي:ڪوشل پريرا

sri-linka-bastmanسري لنڪن ڪرڪي ٽيم جي بيٽسمين ڪوشل پريرا چيوآهي ته آءِ سي سي پاران پاپندي ختم ٿيڻ بعد هو تمام گهڻو خوش آهي ،جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.

سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ڪوشل پريرا کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران  طاقتور دوائون استعمال ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو هو،جنهن بعد سندس مٿان ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پاپندي مڙهي وئي هئي.

گذريل ڏينهن آءِ سي سي پاران بيان سامهون آيو ته ڪوشل پريرا جي ڊوپ ٽيسٽ رپورٽ ۾ غلطي ٿي هئي.

ليباريٽري جي غلط رپورٽ بعد آءِ سي سي ڪوشل پريرا مٿان مڙهيل پاپندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

ڪوشل پريرا جو چوڻ آهي ته کيس تمام گهڻي خوشِي ٿي آهي، جنهن بعد هو هاڻي ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ نظر ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*