فٽنس ڪيمپ بعد هاڻي ايبٽ آباد ۾رٿيل قومي ٽيم جي ڪيمپ ۾ رانديگرن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو:انضمام الحق

alzmam-ul-haq

قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته فٽنس ڪيمپ بعد هاڻي  ايبٽ آباد ۾رٿيل قومي ٽيم جي ڪيمپ ۾ رانديگرن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دوري کان پهرين قومي ٽيم جي رانديگرن جي فٽنس کي بهتر بڻائڻ تي ڪم رهي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ڪميپ گذريل ڏينهن لاهور ۾ پڄاڻي تي پهتي، جنهن بعد سڀاڻي کان ايبٽ آباد ۾ انگلينڊ جي دوري لاءِ تربيتي ڪيمپ شروع ٿي رهي آهي.

قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ ۾ رانديگرن کي ڪوچز سان گڏ فوجي ٽرينرز ٽريننگ ڏيندا.

چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪيترن ئي رانديگرن جي فٽنس جو معيار سٺو ثابت نه ٿيو آهي.

هن چيو ته سمورن رانديگرن کي پنهنجي فٽنس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي،جنهن بعد سندس ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*