پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جَي سينيئر اڳواڻ راجا رياض احمد پارٽي سان اختلافن سبب تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو

raja-raiaz

پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جَي سينيئر اڳواڻ راجا رياض احمد پارٽي سان اختلافن سبب تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو، راجا رياض جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي مداخلت باوجود معاملا درست نه ٿيا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جي دورن باوجود پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جو ٻين جماعتن ۾ شموليت ڪرڻ وارو رجحان وڌي ويو آهي.

تحريڪ انصاف پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي اهم وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي آهي، فيصل آباد سان واسطو رکندڙ پ پ جي اهم اڳواڻ راجا رياض پاران پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

راجا رياض کي تحريڪ انصاف ۾ آڻڻ لاءِ شاهه محمود قريشي اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته راجا رياض گذريل رات لاهور ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان به ملاقات ڪئي.

راجا رياض احمد چيو آهي ته هو پارٽي سان اختلافن سبب تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو آهي، عرصي کان کيس پارٽي قيادت نظر انداز ڪري رهي هئي، آصف زرداري جي مداخلت باوجود مسئلا حل نه ٿي سگهيا.

هن چيو ته راجا رياض وڌيڪ چيو ته هُو تحريڪ انصاف ۾ شموليت بابت باقاعده اعلان 20 مئي تي ٿيندڙ فيصل آباد واري جلسي ۾ ڪندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*