چيف جسٽس آف پاڪستان پاران حڪومت ڏانهن اماڻيل جوابي خط وزيراعظم هائوس کي ملي ويو

PM-litter-about-panama-link

چيف جسٽس آف پاڪستان پاران حڪومت ڏانهن اماڻيل جوابي خط وزيراعظم هائوس کي ملي ويو، پي ايم هائوس جي ترجمان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪميشن جوڙڻ کان انڪار ناهي ڪيو ۽ نه ئي اپوزيشن جي مشاورت سان ٽي او آر جوڙڻ جو چيو ويو آهي، جڏهن ته قانون واري وزارت خط جي جواب جي تياري شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم کي قانونسازي جي حوالي سان بريفنگ  ڪيو ويندو.

پي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو جوابي خط وزيراعظم هائوس کي ملي ويو آهي.

ترجمان چيو ته چيف جسٽس ڪميشن قائم ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو ۽ نه وري ٽي او آرز اپوزيشن جي مشاورت سان تيار ڪرڻ جو ناهي چيو ويو آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، سپريم ڪورٽ خط ۾ ٽي او آرز جو لفظ ئي استعمال ناهي ڪيو، چيف جسٽس رڳو قانونسازي جي تجويز ڏني آهي.

ٻئي پاسي حڪومتي ذريعن موجب، قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ جي خط جي جواب جي تياري شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم کي قانونسازي جي حوالي سان بريفنگ  ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي خط جو ٻن کان ٽن ڏينهن اندر جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته قانون وزارت پاران وزيراعظم کي مستقبل جي قانوني ۽ آئيني پوزيشن بابت به آگاهي ڏني ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*