پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي مشوري سان قانونسازي ڪئي وڃيل:يوسف رضا گيلاني

yousif-raza-ghalani

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي مشوري سان قانونسازي ڪئي وڃي، سياستدانن کي ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومتي ٽرمز آف ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي اعتراضن کانپوءِ مخالف ڌر جو موقف درست ثابت ٿيو آهي.

هن چيو ته اعتزاز احسن اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ 18 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندي آهي.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو پارٽي عهديدارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ اجلاس سڏايو آهي، جلد پارٽي جي نون عهديدارن جي چونڊ ڪئي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ يوسف رضا گيلاني چيو ته علي حيدر گيلاني فلم ۾ ڪم ڪري يا سياست، هو بااختيار آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*