سپريم ڪورٽ پاران حڪومتي ٽرمز آف ريفرنس تي اعتراض وارڻ کانپوءِ نون ليگ پنهنجي مرضي وارو فيصلو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي:مولا بخش چانڊيو

mola-bux

اطلاعات بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيف جسٽس جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران حڪومتي ٽرمز آف ريفرنس تي اعتراض وارڻ کانپوءِ نون ليگ پنهنجي مرضي وارو فيصلو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ مولا بخش چانڊيو چيو ته حڪومتي ٽي او آرز تي اعتراضن کانپوءِ وزير اعظم جو پارليامينٽ مان فرار ٿيڻ وارو رستو بند ٿي ويو.

هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف جيترو احستاب واري عمل مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو، اوترو کيس وقت گهٽ ڏنو ويندو، جڏهن ته پارليامينٽ کان وڌيڪ سخت سپريم ڪورٽ جي ڄار  آهي………….

اطلاعات بابت وڏي وزير جَي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته حڪومتي ٽي او آرز تي سپريم ڪورٽ جي اعتراضن کانپوءِ وزير اعظم جو پارليامينٽ هائوس مان فرار ٿيڻ وارو رستو بند ٿي ويو آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان  ۾ مولا بخش چانڊيو چيو ته

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*