اپوزيشن، چيف جسٽس جي حڪومت ڏانهن اماڻيل جواب کي پنهنجي موقف جي فتح قرار ڇڏيو

panama-pepars-links

اپوزيشن، چيف جسٽس جي حڪومت ڏانهن اماڻيل جواب کي پنهنجي موقف جي فتح قرار ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي خط کانپوءِ حڪومت وقت ضايع ڪرڻ بدران مخالف ڌر سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ٺاهي، اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي احتساب جي ڳالهه ڪئي ته ن ليگ روئڻ شروع ڪيو، حڪومتي ٽي او آر بدنيتي ۽ اسان جا نيڪ نيتي تي ٻڌل آهن.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ باضابطه قانونسازي ٿيڻ گهرجي، حڪومت وقت ضايع ڪرڻ بدران اپوزيشن سان گڏجي ٽي او آر ٺاهي.

هن چيو ته محمود اچڪزئي، خواجه آصف ۽ پرويز رشيد سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران چيو ويو هو ته اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو  ته پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته حڪومت جا ٽي او آر قبول نه ڪيا ويندا، وزيراعظم جي احتساب جي ڳالهه ڪئي ته ن ليگ روئڻ شروع ڪيو.

اعتزاز احسن چيو ته حڪومتي ٽي او آر بدنيتي ۽ اپوزيشن جا ٽرنز آف ريفرنس نيڪ نيتي تي ٻڌل آهن، نواز شريف معاملي اينگهائي رهيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*