آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه دادو پوليس پاران شهري کي پرڏيهي قرار ڏئي ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو

IG-AD-khuwaja

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه دادو پوليس پاران شهري کي پرڏيهي قرار ڏئي ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

آءِ جي سنڌ روزاني ڪاوش ۾ شايع ٿيل خبر تي نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

آءِ جي سنڌ چيو آهي ته دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد سليمان ڀٽو ۽ جاچ آفيسر غلام سرور ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي.

دادو پوليس اسد نالي شهري کي پرڏيهي قرار ڏئي سندس خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*