پنگريَي ۾ ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب هٿن ۽ پيرن کان محروم بڻجي ويل ٻارڙي نائمه خاصخيلي جا زخم وڌي ناسور بڻجي ويا

badin-nari--naima

پنگريَي ۾ ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب هٿن ۽ پيرن کان محروم بڻجي ويل ٻارڙي نائمه خاصخيلي جا زخم وڌي ناسور بڻجي ويا، سول اسپتال بدين جي ڊاڪٽرز ٻارڙيءَ جي پٽي ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، ٻارڙيءَ جي وارثن جو چوڻ آهي ته غلط علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ شهر ۾ ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب ٻارڙِي نائمه خاصخيلي هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿي وئي هئي، جنهن جا هاڻي ڦٽ وڌي ناسور بڻجي ويا آهن.

ٻارڙِي جي ڦٽن مان رت ۽ گند وهڻ بند نه ٿيڻ سبب کيس بدين جي سول اسپتال نيو ويو، جتي پڻ ڊاڪٽرن سندن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ٻارڙِي جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نياڻي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي پر ڊاڪٽر سندس علاج ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

هنن چيو ته غلط علاج ڪندڙ پنگريو جو خانگي ڊاڪٽر هاڻي کين چپ رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*