اي آر رحمان به ريو اولمپڪس لاءِ ڀارتي خير سگالي سفير مقرر

a r rahman

ڀارت پاران آسڪر ايوارڊ يافته موسيقار اي آر رحمان کي اولمپڪ لاءِ خير سگالي وارو ايمبيسيڊر بڻايو ويو آهي، ان کان اڳ بالي ووڊ دبنگ سلمان خان به ايمبيسڊر بڻايو ويو هو، جنهن تي ڪجهه حلقن پاران تنقيد به ڪئي وئي هئي. ڀارت پاران هاڻي ريو اولمپڪ لاءِ اي آر رحمان ۽ سلمان خان کانسواءِ ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ۽ شوٽر اَڀــِينـــَوَ بــِندرا کي به خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اي آر رحمان خير سگالي سفير بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو سندس لاءِ اعزاز آهي. اي آر رحمان پنهنجو گانو مان تجهي سلام جا حق ۽ واسطا به اولمپڪ ڪميٽي کي اپي ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*