رينجرز ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري لياري گينگ وار جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

rangers-

رينجرز ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري لياري گينگ وار جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس ڊالميا ۽ ماڊل ڪالوني وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 7 ڏوهارين کي  هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
لاسي ڳوٺ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري لياري گينگ وار جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، جن جو واسطو عزير بلوچ گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي.
ڪراچي پوليس ڊالميا ۽ ماڊل ڪالوني وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 7 ڏوهارين کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*