پشاور جي علائقي فقير آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو

Peshawar-firing-140516

پشاور جي علائقي فقير آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو.
پوليس موجب پشاور جي علائقي فقير آباد ۾ شاهي باغ ويجهو موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي اسپتال ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سورنه سهندي دم ڏنو.
مارجي ويل اهلڪار جي سڃاڻپ فضل سبحان جي نالي سان ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ظاهري طور واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي رهيو آهي.
پوليس موجب، هلندڙ هفتي پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جو هي ٻيو واقعو آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*