پاڪستان بار ڪائونسل پاناماليڪس معاملي بابت ڪميشن جي قيام لاءِ نئين سر قانونسازي کي رد ڪري ڇڏيو

Pakistan-Bar-140516

پاڪستان بار ڪائونسل پاناماليڪس معاملي بابت ڪميشن جي قيام لاءِ نئين سر قانونسازي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 184 سب آرٽيڪل 3 تحت عدليه کي ڪو به حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار آهي.
پاڪستان بار ڪائونسل پاناماليڪس معاملي بابت ڪميشن جي قيام لاءِ قانونسازي کي رد ڪندي ٺهراءُ پاس ڪري ورتو آهي.
وڪيل اڳواڻن ٺهراءُ ۾ چيو  ته پاناماليڪس تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، 184سب آرٽيڪل 3 تحت عدالت کي حڪم جاري ڪرڻ جو به اختيار آهي.
ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽرينز پاران اثاثا لڪائڻ آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس  نه ورتو ته پاڪستان بار ڪائونسل درخواست داخل ڪرائيندي.
وڪيل اڳواڻن چيو ته سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي پاناماليڪس ۾ شامل سياستدانن سميت وزير اعظم نواز شريف جي ڪٽنب خلاف جاچ جو حڪم جاري ڪري ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*