حڪومت کي پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تي اپوزيشن سان مشاورت ڪرڻ گهرجي, تحريڪ انصاف جَي اڳواڻ جهانگير ترين

jahaghir-tareen-140516

تحريڪ انصاف جَي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته حڪومت کي پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تي اپوزيشن سان مشاورت ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
جهانگير ترين چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملي کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، دانهون ڪرڻ بدران معاملو پارليامينٽ ۾ حل ڪيو وڄي.
هن چيو ته آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ ڏوهه نه آهي، پر پئسو ڪهڙي طريقي سان پرڏيهه منتقل ٿيو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*