خانپور مهر ۾ لٺ مائينر ۽ مسو واهه جي صحيح کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن آبپاشي عملدارن تي مبينا ڪرپشن جو الزام هنيو

Khanpur-Abadghar-Protest-140516

خانپور مهر  ۾ لٺ مائينر ۽ مسو واهه جي صحيح کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو  ڪيو، آبادگارن آبپاشي عملدارن تي مبينا ڪرپشن جو الزام هنيو آهي.
ان موقعي تي آبادگارن بشير احمد گڏاڻي، عبدالرشيد گڏاڻي، راحب پتافي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لٺ مائينر ۽ مسو واهه جي کاٽي لاءِ آيل لکين روپيا آبپاشي انجنئير ميرپور ماٿيلو، ايس ڊي او خانڳڙهه ۽ ٻيا عملدار ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري ويا آهن.
هنن جو چوڻ هو ته واهن جي کاٽي جو ڪم رڳو نالي ماتر ڪيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته واهن جي کاٽي صحيح نموني نه ٿيڻ ڪري پاڻي پڇڙي جي آبادگارن کي نه ٿو ملي، جنهن سبب کين لکين روپين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته لٺ مائينر ۽ مسو واهه جي کاٽي واري ڪم لاءِ آيل پئسن ۾ مبينا ڪرپشن ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف جاچ ڪرائي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*