لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي مرڪزي قيادت خلاف چانڊڪا اسپتال جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو
لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي مرڪزي قيادت خلاف چانڊڪا اسپتال جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
چانڊڪا ميڊيڪل اسٽاف جي 5 عهديدارن کي معطل ڪرڻ خلاف ملازمن محمود چانڊئَي ۽ غلام حسين لانگاهه جي اڳواڻيءَ ۾ اسپتال اڳيان احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مرڪزي قيادت 5 عهديدارن کي بنا ڪنهن سبب جي هٽائي ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي زيادتي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته سموري معاملي جي شفاف نموني سان جاچ ڪرائي معطل ڪيل عهديدارن کي بحال ڪرايو وڃي.