پنجاب جَي شهر ملتان ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا

Multan-Protest-140516

پنجاب جَي شهر ملتان ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.
ملتان جي ڪوٽ ڪچهري ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ جي ملازمن محمد اشرف، اسلم علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن دروان انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.
مظاهري دوران گرمي سبب 2 ملازم محمد اشرف، محمد اسلم بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ملازمن جو چوڻ آهي ته انتظاميا کين بناجواز واٽر فلٽريشن پلانٽ مان واسا منتقل ڪري ظلم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندن پگهارن مان به ڪٽتوتي ڪئي پئي وڃي.
هنن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*