تحريڪ انصاف اثاثا لڪائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي شهباز شريف سميت شريف خاندان جي 5 اهم شخصيتن جي اثاثن جا تفصيل گهري ورتا

pti

تحريڪ انصاف اثاثا لڪائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان وزيراعظم نواز شريف ۽  پنجاب جي وڏي شهباز شريف سميت شريف خاندان جي 5 اهم شخصيتن جي اثاثن جا تفصيل گهري ورتا آهن.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ محمد مدني پاران اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شريف خاندان جي اهم شخصيتن پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن بابت جيڪي تفصيل فراهم ڪيا آهن، اهي حقيتن جي ابتڙ آهن.
اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم نواز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120، شهباز شريف جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 159 لاءِ جمع ڪرايل ڪاغذن جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي.
درخواست ۾ حمزه شهباز شريف جي تڪ اين اي 119، وزيراعظم جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر عباسي ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاران سينيٽ ٽيڪنوڪريٽ لاءِ جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن جي ڪاپي به گهري وئي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد مدني چيو آهي ته ثابت ڪنداسين ته شريف خاندان جي اهم شخصيتن پنهنجي اثاثن جا اصل تفصيل فراهم ناهن ڪيا، مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت خلاف آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*