ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي شاهد راحيل شاهنواز بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو

Dr-Asim-30416

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي شاهد راحيل شاهنواز بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته ضياءُ الدين ٽرسٽ ۾مالي گهوٻين جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، باقي ضياءُ الدين ٽرسٽ کي ڪمرشل نموني استعمال ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته نيب جي آندل شاهد اهو ئي چيو جيڪو سچ هو، جيترو سچ کي دٻايو ويندو، اوترو ئي نروار ٿيندو.
ڊاڪٽر عاصم ۽ٻين  خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران  نيب پاران پيش ڪيل ڪيس جي پهرين شاهد راحيل شاهنواز بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو  ته ضياءُ الدين ٽرسٽ ۾ مالي بدعنوانين جا ڪي به ثبوت نه  مليا آهن، باقي  ٽرسٽ کي فلاحي بدران ڪمرشل طور استعمال ڪيو ويو.
شاهد راحيل شاهنواز بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هو 2010کان ضياءُ الدين ٽرسٽ سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽرسٽ جي خيراتي اداري طور شاهديون نه مليون آهن.
ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف 462ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ضياءُ الدين ٽرسٽ جي 2010کان 2014 تائين آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن جي وڪيل ڪيس جي شاهد راحيل شاهنواز کان آڏي پڇا به ڪئي ، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي 21مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته ملڪ ۾ ڪينگرو ڪورٽس نه آهن ۽ کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.
هن چيو  ته نيب جي آندل شاهد اهو ئي چيو جيڪو سچ هو، جيترو سچ کي دٻايو ويندو، اوترو ئي نروار ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*