سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي شهر جي مختلف روڊن جي مرمت، ترقياتي ڪمن ۽ شهر جي مختلف اسپتالن لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني

qaim

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي شهر جي مختلف روڊن جي مرمت،  ترقياتي ڪمن ۽ شهر جي مختلف اسپتالن لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته ناڻي کاتي منظور ٿيل گرانٽ مان 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي ڪراچي جي طارق روڊ ۽ ڪلفٽن واري علائقي ۾ روڊ ن، پراڻي  قومي شاهراهه ۽ گوليمار انڊر پاس جي مرمت،  اسپتالن ۽ شهر جي خوبصورتي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني آهي.
ڪراچي جي ڪمشنر آصف حيدر شاهه جي سفارش تي وڏي وزير شهر جي خوبصورتي لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته هو ترقياتي منصوبن جي پاڻ نگراني ڪندو.
وڏي وزير پاران گرانٽ جي منظوري کانپوءِ ناڻي کاتي  گرانٽ مان 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*