ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پلاسٽڪ ٺاهيندڙ فيڪٽري جي ڪيميڪل واري ٽانڪي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب5پورهيت فوت

karachi-5-death

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پلاسٽڪ ٺاهيندڙ فيڪٽري جي ڪيميڪل واري ٽانڪي جي صفائي دوران  ساهه ٻوساٽجڻ سبب5پورهيت فوت ٿي ويا، واقعي بعد فيڪٽري انتظاميا غائب ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس فيڪٽري کي سيل ڪري چوڪيدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ويٽا چورنگي ويجهو پلاسٽڪ ٺاهيندڙ فيڪٽري جي  ڪيميڪل واري ٽانڪي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 5 پورهيت فوت ٿي ويا، جن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا .

فوتي پورهيتن ۾ چئن جي معراج، رحيم، عبدالرحمان ۽ ارباز طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته واقعي بعد فيڪٽري انتظاميا جا عملدار غائب ٿي ويا آهن.

اکين ڏٺن شاهدن موجب  فيڪٽري جي ٽانڪي ۾ ڪيميڪل هئڻ سبب پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿيا آهن، جڏهن ته سائيٽ پوليس فيڪٽري کي سيل ڪري چوڪيدار مڪيش کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*