لاهور ۾ اسڪولن کي اين جي اوز حوالي ڪرڻ خلاف استادن تنظيمن جو ٻن ڏينهن کان پنجاب اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو جاري

lahore-teAcher-protest

لاهور ۾ اسڪولن کي اين جي اوز حوالي ڪرڻ خلاف استادن تنظيمن جو ٻن ڏينهن کان پنجاب اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو جاري آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته صوبائي سرڪار تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ بدران اسڪولز کي اين جي اوز حوالي ڪري رهي آهي، جڏهن ته تعليم واري وزير راڻا مشهود چيو آهي ته استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا،ڪنهن کي به گهر ڀيڙو نه ڪيو ويندو.

سنڌ کانپوءِ پنجاب حڪومت به اسڪولز کي اين جي اوز حوالي ڪري پنهنجي جند ڇڏائڻ جي منصوبابندي ڪري ورتي آهي.

استاد تنظيمن جي سڏ تي گذريل ٻن ڏينهن کان پنجاب اسيمبلي آڏو استادن جو ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ڇڪتاڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ بدران پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ معاملا اين جي اوز حوالي ڪري رهي آهي، جيڪو ظلم آهي.

هنن چيو ته صوبائي سرڪار سندن جائز مطالبا تسليم ڪرڻ بدران کين ڊگهي عرصي کان نظر انداز ڪري رهي آهي، جنهن سبب هو پريشاني جي ور چڙهيل آهن.

ٻئي پاسي تعليم واري وزير راڻا مشهود جو چوڻ آهي ته هو تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا.

راڻا مشهود چيو ته استاد پريشان نه ٿين، ڪنهن به ملازم کي برطرف نه ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*