سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ هر هنڌ ڪچري جاڍير نظر اچن ٿا

karachi-gandgi

سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ هر هنڌ ڪچري جاڍير نظر اچن ٿا، ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم جي رهائش گاهه ڀرسان به گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سان مڪاني ادارن واري کاتي جي پت وائکي ٿي وئي آهي.

شهرين پاران وڏي عرصي کان قائد اعظم جي رهائش گاهه وزير مينشن ڀرسان گند ڪچرو اڇلائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کي کڻڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

قائد اعظم جي رهائش گاهه ڀرسان گند ڪچري جا ڍير لڳل هئڻ بابت ٽن ڏينهن  کان ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود ڪچري کي کڻڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*