ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم جي رهائش گاهه ڀرسان گندگي جا ڍير لڳل

karachi-gandgi

ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم جي رهائش گاهه ڀرسان  گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سان مڪاني ادارن واري کاتي جي پت وائکي ٿي وئي آهي، صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ڪراچي ۾ صفائي نه ٿيڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي.

ڪراچي جي شهرين پاران وڏي عرصي کان قائد اعظم جي رهائش گاهه وزير مينشن ڀرسان گند ڪچرو اڇلائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کي کڻڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

قائد اعظم جي رهائش گاهه ڀرسان گند ڪچري جا ڍير لڳل هئڻ بابت ٽن ڏينهن  کان ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود ڪچري کي کڻڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ڪراچي ۾ صفائي نه ٿيڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي.

هن چيو ته ايف بي آر ڊي ايم سيز جي ملازمن جون پگهارون روڪيون آهن، جنهن سبب ملازمن هڙتال ڪئي آهي.

ڄام خان شوري چيو ته وفاقي حڪومت ايف بي آر معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ،  ملازمن جي پگهار واپس ٿيندي ته شهر ۾ صفائي به ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*