روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ هڪ قبرستان ۾ نوڪرين تان ٿيل جهيڙي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

rossia

روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ هڪ قبرستان ۾ نوڪرين تان ٿيل جهيڙي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿي پيا.

روسي ميڊيا موجب ماسڪو جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع خونسڪوئـــَي قبرستان ۾ جهيڙي وقت  2 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو  موجود هئا.

جهيڙي دوران مخالفن هڪٻئي تي فائرنگ سان گڏ بيلچن، لوهي سيخن، بيس بال جي بيٽن سان وار ڪيا، جنهن دوران ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي ٻه ڄڻا ڪار جي هيٺا اچي چيڀاٽجي ويا.

پوليس جهيڙو ختم ڪرائڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ هڪ ڪار ۾ پستول سان هٿياربند ٽن ڄڻن سميت جهيڙي ۾ شامل 90 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جهيڙي جو سبب ملازمن جي ٻن گروهن ۾ قبرستان جون حدو طئي ڪرڻ جي معاملي تي ٿيو، جيڪو پنج سئو هيڪٽرن تي پکڙيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*