ڀارتي حڪومت پاران مسلمان استادن کي يوگا سيکارڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي خبر هلائيندڙ صحافي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

INDIA-JOURNALIST-ARRESTED

ڀارتي حڪومت پاران مسلمان استادن کي يوگا سيکارڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي خبر هلائيندڙ صحافي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

 ڀارتي صحافي پوشپ شرما پاران مارچ مهيني ۾ اخبار ۾ رپورٽ شايع ٿي هئي، جنهن ۾ مبينا سرڪاري دستاويز جي حوالي سان ڄاڻايو ويو هو ته گذريل سال يوگا جي عالمي ڏهاڙي تي مسلمانن تي پرڏيهه وڃي يوگا سيکارڻ تي پابندي لاڳو هئي.

پوشپ شرما کي دستاويزن جي جعلسازي جو الزام آهي، پر هو شرما ان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هن يوگا ۽ ديسي دوائن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قائم وزارت پاران سرڪاري موقف ملڻ بعد اها خبر ڏني هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزارت بار بار پڇڻ تي جواب ڏنو ته ٽِ هزار 841 مسلمانن يوگا ٽيچر لاءِ درخواست ڏني  هئي ۽ آڪٽوبر 2015ع تائين انهن مان ڪنهن کي به اها ذميواري نه سونپي وئي هئي.

ان رپورٽ سان گڏ هڪ خط ڇاپيو ويو آهي جيڪو ظاهري طرح ان وزارت جو خط آهي، جنهن موجب 711 مسلمانن جون ۾ يوگا جي پهرئين عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي يوگا سيکارڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست ڏني هئي ۽ حڪومتي پاليسي تحت انهن مان ڪنهن کي به نه چونڊيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب دهلي پوليس جو چوڻ آهي ته پوشپ شرما تي جعلسازي ۽ مذهب يا نسل جي بنياد تي مختلف گروهن ۾ نفرتون وڌائڻ جا الزام آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*