افغان حڪومت جا طالبان سان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري امن عمل ۾ شامل ٿي وڃن:عبدالله عبدالله

Abdullah

افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله چيو آهي ته طالبان ويڙهه ۽ تشدد جو غلط رستو چونڊيو آهي پر افغان حڪومت جا طالبان سان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري امن عمل ۾ شامل ٿي وڃن.

ڪابل ۾ چيني ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عبدالله عبدالله جو چوڻ هوته بدقسمتي سان جنهن رستي جي چونڊ طالبان ڪئي آهي اهو تشدد ۽ دهشت جو رستو آهي ۽ طالبان جا واسطا اهڙن دهشتگرد گروهن سان آهي، جيڪي خطي لاءِ خطرو آهن ۽ انهن جو عالمي دهشتگرد نيٽ ورڪ سان تعلق آهي.

هن چيو ته افغان حڪومت امن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ميڪنزم ۾ افغانستان کانسواءِ پاڪستان، چين ۽ امريڪا به شامل آهن، جن جا اجلاس به ٿيا آهن پر طالبان رڳو جنگ چاهي ٿي، طالبان سمجهن ٿا ته اهي ويڙهه ذريعي ڪامياب ٿيندا، جنهنڪري هو ڳالهين کي سنجيدگي سان نٿا وٺن.

 عبدالله عبدالله جو چوڻ هو ته جيڪو به هٿيار کڻي تشدد جي راهه اختيار ڪري ٿو ۽ دهشتگرد گروهن سان رابطا رکي ٿو، انهن جو سهولتڪار بڻجي ٿو ته ان کي دشمن تصور ڪيو ويندو، پر جيڪو هٿيار ڦٽي ڪري امن عمل ۾ شامل ٿئي ٿو، انهن لاءِ ڳالهين جا در کليل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*