شامي فوج دير الزور ۾ اسپتال تان داعش جو قبضو ڇڏائي ورتو

Egypt-001

شامي فوج دير الزور ۾ اسپتال تان داعش جو قبضو ڇڏائي ورتو آهي، داعش جي حملي ۾ حڪومت جا حامي 35 ويڙهاڪ مارجي ويا هئا ۽ عملي کي يرغمال بڻايو ويو هو.

شام ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي ڪارڪنن موجب ڇنڇر تي ديرالزور جي اولهه ۾ واقع اسد اسپتال ۽ ان جي ڀرپاسي تي داعش جي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ حڪومت جا 35 حامي ويڙهاڪ مارجي ويا.

ويڙهه ۾ داعش جا به 24 ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگرد تنظيم جي ويڙهاڪن اسپتال جي عملي کي يرغمال بڻائي ورتو هو.

شام جي صوبي دير الزور جي اڪثر علائقن تي داعش جو قبضو هو ۽ ٻن سالن کان ويڙهاڪ شهر کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، جنهنڪري اڍائي لک جي لڳ ڀڳ شهري گهيري هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*