موسميات کاتي هلندڙ سال چوماسي جون برساتون وقت کان اڳ پوڻ جو امڪان

Raining-sindh-31-047

موسميات کاتي هلندڙ سال چوماسي جون برساتون وقت کان اڳ پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي سان گڏ لوڊشيڊنگ جو آزار برقرار آهي.

موسميات کاتي موجب هلندڙ سال چوماسي جون برساتون وقت کان اڳ پوڻ جو امڪان آهي ۽ جون مهيني ۾ به برساتون ٿي سگهن ٿيون.

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ سخت گرمي سان گڏ لوڊشيڊنگ جو آزار به برقرار آهي، جنهن سبب عوام جي زندگي عذاب بڻيل آهي.

سکر ۽ خيرپور ۾ وڌ۾ وڌ گرمي پد 44 سينٽي گريڊ، جيڪب آباد، دادو، شڪارپور ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 43 سينٽي گريڊ، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ 42، بدين ۾ 41 ۽ ڪراچي ۾ گرمي پد 35 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*