ڀارتي لابي ايف 16جهازن جي خريداي واري معاهدي کي روڪرائڻ لاءِ سرگرم آهي:خواجه آصف

khuwaja-asif-06

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي لابي ايف 16جهازن جي خريداي واري معاهدي کي روڪرائڻ لاءِ سرگرم آهي، ويڙهاڪ جهاز روڪڻ سان دهشتگردي خلاف جنگ متاثر ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو آهي ته پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ٻين جا گهر ساڙڻ جي سازش ڪندڙ پاڻ به محفوظ نه رهندا.

هن چيو ته شڪيل آفريدي پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي، اسلام آباد افغانستان ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

خواجه آصف چيو ايف 16 جهازن جي خريداري کي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته ويڙهاڪ جهازن جي خريداري سان ئي آپريشن ڪامياب ٿيندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪوشش آهي ته ايف 16 بابت امريڪا سان جلد معاهدو ٿي وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ لکين آءِ ڊي پيز موجود آهن، جن کي پنهنجي گهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*