سنڌ سروسز ٽربيونل مئنيجمينٽ ڪيڊر بابت گسٽا جي توهين عدالت واري درخواست تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

sindhsecretariat

سنڌ سروسز ٽربيونل مئنيجمينٽ ڪيڊر بابت گسٽا جي توهين عدالت واري درخواست چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ تعليم واري سيڪريٽري  فضل الله پيچوهو کي25 مئي لاءِ توهين عدالت جا  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سروسز ٽربيونل گسٽا جي صدر اشرف خاصخيلي، محمد اسحاق لاشاري ۽ ارشاد بروهي جي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت جي اسٽي باوجود تعليم واري کاتي ۾ عملدارن کي ترقي ڏيڻ سان گڏ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت توهين عدالت واري درخواست تي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ تعليم واري سيڪريٽري  فضل الله پيچوهو کي 25 مئي تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.

گذريل ٻڌڻي دوران سنڌ سروسز ٽربيونل مئنيجمينٽ بابت اسٽي برقرار رکندي چيو هو ته درخواست گذار چيف سيڪريٽري ۽ تعليم واري سيڪريٽري خلاف توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*