وزيراعظم نوازشريف سياسي ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت مڪمل ڪندي عدالتي ڪميشن جي ٽي او آر تي اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو

nawaz

وزيراعظم نوازشريف سياسي ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت مڪمل ڪندي عدالتي ڪميشن جي ٽي او آر تي اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

قومي اسميبلي جي اجلاس کان اڳ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ پاران لکيل خط بابت اٽارني جنرل ۽ ٻين وزيراعظم نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم نوازشريف ايوان ۾ پاناماليڪس بابت اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندو.

ذريعن موجب، وزير اعظم ايوان کي آگاهي ڏيندو ته پاناماليڪس ۾ سندس سڌي ريت نالو شامل نه آهي، جڏهن ته سندس خاندان مٿان لڳل الزامن تي جوابده آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*