سانگهڙ،ڪنڌڪوٽ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف کاتن جي آفيسن تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو

sanghar-anty-curption

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن ڇاپو هڻي اڪائونٽنٽ ۽ انسپيڪٽر کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، سانگهڙ ناڻي آفيس ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي ڪائونسل جي آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي 15 هزار رپيا رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ اڪائونٽنٽ نجم الدين ڀٽي ۽ انسپيڪٽر طارق خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو.

سانگهڙ ۾ اينٽي ڪرپشن خزاني آفيس تي ڇاپو هڻي 2008ع کان 2015ع تائين جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي ڪائونسل جي آفيس تي ڇاپي دوران 2011ع کان 2015ع تائين ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 18 ڪروڙ رپيا هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد آفيس سيل ڪئي وئي.

سانگهڙ ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم نوابشاهه ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نادر ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ خزاني آفيس تي ڇاپو هڻي سال 2008ع کان 2015ع تائين جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ڊپٽي ڊائريڪٽر نادر ابڙو موجب خزاني آفيس ۾ گذريل 7 سالن کان ريٽائرڊ ملازمن جي جاءِ تي جعلي ڀرتيون ڪري پگهارون کنيون ويون.

هن چيو ته سمورن انڪريمينٽس ۽ ڊفرنس بلن سميت سموري رڪارڊ جي جاچ ڪئي ويندي، جنهن بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر شوڪت رند جي اڳواڻيءَ ۾ مئجسٽريٽ سرتاج الدين مهر جي نگرانيءَ ۾ ٽيم ضلعي ڪائونسل جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران عملو ڀڄي ويو.

ڇاپي دوران شهر جي روڊ رستن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ آيل 18 ڪروڙ رپيا هڙپ ٿيڻ ۽ بوگس ڀرتين جو انڪشاف ٿيو، جنهن تي آفيس کي سيل ڪيو ويو.

سرڪل آفيسر شوڪت رند موجب 2011 کان 2015 تائين ڊي سي ۽ ٻئي عملي ڳٺجوڙ ڪري روڊ رستن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ آيل 18 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا ويا، جن جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*